ريٽائرڊ ميجر کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪندڙ جوابدار گرفتار

ريٽائرڊ ميجر کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪندڙ جوابدار گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي پوليس ريٽائرڊ ميجر احمد وسيم کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪرڻ واري واقعي ۾ ملوث مک جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.ڪراچي جي علائقي ناظم آباد ۾ اي وي سي سي پوليس ڪارروائي ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس اختيارين موجب جوابدار نورالعين پنهنجي ساٿين سان گڏجي احمد وسيم کي 4 ڏينهن اڳ ڊفينس مان اغوا ڪيو هو ۽ يرغمال جي آزاديءَ لاءِ گهرڀاتين کان 20 ڪروڙ رپيا ۽ سون جا بسڪيٽ گهريا هئا.پوليس موجب حساس ادارن جي مدد سان مغويءَ کي بازياب ڪرايو ويو، جڏهن ته گرفتار ٿيل اغواڪار جي ٻين ساٿين جي ڳولا جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو