ريسٽورنٽ  مالڪ معياي تيل استعمال ڪري سٺو کاڌو فراهم ڪن

ريسٽورنٽ مالڪ معياي تيل استعمال ڪري سٺو کاڌو فراهم ڪن

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل آغا فخر حسين چيو آهي ته قانون موجب سمورن ريسٽورنٽز ۽ هوٽلن جا مالڪ کاڌي جي شين ۾ فورٽيفائيڊ اٽو ۽ خوردني تيل استعمال ڪرڻ جا پابند آهن ته جيئن هو پنهنجي گراهڪن کي صحتمند کاڌو فراهم ڪري سگهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ فوڊ اٿارٽي پاران منعقد ڪيل مقامي هوٽل ۾ فوڊ سيفٽي ليول 1 “ريسٽورنٽز ۽ فوڊ هينڊلرز سان آگاهي سيشن” ۾ بحيثيت مهمان خاص ڪئي. فورٽيفائيڊ اٽي ۽ خوردني تيل جي فائدن بابت آگاهي سيشن ۾ گراهڪن ۽ ريسٽورنٽز جي مالڪن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پي پي ايم سنڌ معين قريشي، پي پي ايم جي عبدالحفيظ گمڀير، شڪيل احمد بيگ چيئرمين ڪنزیومر رائٽس پروٽيڪشن، عبدالسلام چيئرمين ڪنزیومر ايسوسيئيشن آف پاڪستان ۽ ٻين ريسٽورنٽز ۽ هوٽلن جا مالڪ ۽ مشهور ريسٽورنٽز جا فوڊ هينڊلرز پڻ موجود هئا. ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين فورٽيفائيڊ اٽي ۽ خوردني کاڌي جي تيل جي اهميت تي روشني وڌي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو