شهدادپور (ن س) شھدادپور لڳ ڄام برانچ تي ٺھيل پل تي ريتي سان ڀريل ٽرڪ اوچتو پل جي کڏي ۾ ويھي وئي جنهن سبب ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 راھگير مزدور ٻار فوت ٿي ويا ھڪ ٽرڪ جي ھيٺيان اچي دٻجي فوت ٿيو آهي ٻيو فوتي شاخ ۾ ٻڏي ويو آهي جنهن جي لاش جي ڳولا جاري آهي ـ ٽرڪ جي ھيٺيان آيل ٻار کي علائقي واسين ٽرڪ ريتي جي خالي ڪري لاش ڪڍيو آهي لاش کي ايدھي ايمبولينس ذريعي لاش سمس اسپتال شھدادپور آندو ـ جيڪو مردھ خاني ۾ رکيل آهي جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي ـ پوليس جو چوڻ آهي ته جئين لاش جي سڃاڻپ ٿئي لاش وارثن احوالي ڪيو ويندو ـڪيس وارثن جي فرياد مطابق داخل ڪيو ويندو ـٽرڪ ڊائيور کي پوليس گرفتار ڪري لاڪپ احوالي ڪيو آهي ٽرڪ کي پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي ـ










