روڊ ڪراس ڪندڙ نوجوان تيز رفتار وين جي ٽڪر ۾ فوت

روڊ ڪراس ڪندڙ نوجوان تيز رفتار وين جي ٽڪر ۾ فوت

ٺري ميرواھ:(ن س) مھراڻ ھائي وي تي تيز رفتار ڪيري وين جو روڊ ڪراس ڪندڙ نوجوان فوت ٿي ويو مھراڻ ھائي وي پيرٻڍڙو اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڪيري وين جي ٽڪر لڳڻ سبب ڳوٺ گل محمد سنجراڻي واسي نوجوان سرفراز سنجراڻي فوت ٿي ويو حادثي جي اطلاع ملڻ تي پوليس پھچي ڪري لاش کي ضروري ڪاروائي لاء ٺري ميرواھ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آھي ٻئي طرف فوتي جي وارثن ٻڌايو ته نوجوان روڊ ڪراس ڪري رھيو ھو ته اچانڪ تيز رفتار ڪيري وين جي ٽڪر لڳڻ سبب شديد زخمي ٿي پيو جنھن کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته ھو رستي ۾ فوت ٿي ويو ٻئي طرف لاش کي ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آھي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو