روهڙي (رپورٽر عبدالقدوس مھر) روھڙي جي علائقي دبر ٿاڻي جي حد ڪلر ڳوٺ ڀرسان هڪ افسوسناڪ روڊ حادثو پيش آيو، جتي تيز رفتار ڊاٽسن گاڏي جو ٽائر اوچتو برسٽ ٿيڻ سبب گاڏي بي قابو ٿي ڪلٽي ٿي پئي۔ حادثي جي نتيجي ۾ ٻن عورتن جي جاءِ تي ئي فوتگي ٿي وئي، جڏهن ته 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾ 6 معصوم ٻارڙا پڻ شامل آهن۔ رييسڪيو ذريعن موجب زخمين کي فوري طور تي ايدهي ايمبولينس ذريعي تعلقه اسپتال روهڙي منتقل ڪيو ويو، جتي ابتدائي طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ سندن حالت کي نظر ۾ رکندي وڌيڪ علاج لاءِ سول اسپتال سکر اماڻيو ويو۔ پوليس موجب فوتين جي سڃاڻپ مائي ملوڪا نندواڻي ۽ مائي فريدا نندواڻي طور ٿي آهي، جڏهن ته زخمين ۾ بادل، ظهيران، نصرت، صدام، حميدا، صائمہ، نور، رانجهن، نصرالله ۽ ارشاد شامل آهن۔ دبر پوليس ٻڌايو آهي ته متاثر ٿيل سمورا ماڻهو ڪنڌڪوٽ تنگواڻي جا رهواسي آهن، جيڪي پنوعاقل ۾ پنهنجي مائٽن جي فوتگي تي شرڪت لاءِ وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ هي المناڪ حادثو پيش آيو۔ پوليس اختيارين وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته حادثي بابت جاچ جاري آهي، جڏهن ته فوتين جا لاش تعلقه اسپتال روهڙي ۾ ضروري قانوني ڪارروائي بعد مڙھ وارثن حوالي ڪيا ويا ۽ زخمين جو علاج هلندڙ آهي










