رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ) ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ۾ واقع گهر مان عورت ۽ 3 ٻارڙن جا لاش هٿ آيا آهن. گهر ڌڻي زخمي حالت ۾ مليو، رحيم يار خان ڀرسان تيز ڌار اوزار سان اڻڄاتل جوابدارن ماءُ کي ٽن ٻارڙن سميت قتل ڪيو ، جڏهن ته گهر ڌڻي کي زخمي ڪيو ويو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏئي ڇڏيو، مقتولن ۾ 35ورهين جو رام چند ميگهواڙ، 34ورهين ورهين جي لڇي مائي، 3ورهين جو پريم ڪمار، 10ورهين جي انجلي ۽ 5سالن جي انيڪا شامل آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته لڳي ٿو ته غربت کان تنگ اچي نوجوان پنهنجي زال ۽ ٽن ٻارن کي قتل ڪرڻ بعد آپگهات ڪيو آهي، واقعي بابت جاچ هلندڙ آهي.پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بزدار نوٽيس وٺندي آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.










