راجن پور (ويب ڊيسڪ)راجن پور جي ڪچي ۾ پوليس ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪيو ۽ هڪ انتهائي گهربل ڌاڙيل کي ماري ڇڏيو ۽ 3 ٻين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو.ڊي پي او فاروق امجد موجب، پوليس ۽ ڌاڙيلن جي وچ ۾ سخت فائرنگ جو تبادلو ٿيو. پوليس جي فائرنگ ۾ هڪ انتهائي گهربل ڌاڙيل مارجي ويو جڏهن ته 3 ڌاڙيل سخت زخمي ٿي پيا. ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ هڪ مقامي شخص به پنهنجي جان وڃائي ويٺو.ڊي پي او موجب، پوليس ڌاڙيلن جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي باهه ڏئي ڇڏي. مارجي ويل ڌاڙيل قتل، اغوا ۽ ڦرلٽ جي درجنين ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هو.










