هوسٽن (ويب ڊيسڪ)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته پاڪستان خلاف هٿيار کڻندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، سندس آمريڪا جي دوري جو مقصد آمريڪي سياستدانن سان گڏجي دهشتگردي خلاف موثر پلان ٺاهڻ آهي. آمريڪا جي دوري جي موقعي تي هوسٽن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته دهشتگردي صرف پاڪستان نه پر سڀني جو مسئلو آهي، سندس آمريڪا جي دوري جو مقصد آمريڪي سياستدانن سان گڏجي دهشتگردي خلاف موثر پلان ٺاهڻ آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪو به پاڪستان خلاف هٿيار کڻندو ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته هن آمريڪا ۾ چين خلاف ڪنهن به تقريب ۾ شرڪت ناهي ڪئي، مخالف پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن، نوجوانن جي هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي هئي، جنهن کي پروپيگنڊا ڪري غلط رنگ ڏنو ويو، اهڙي پروپيگنڊا سان ڪو فرق نٿو پوي، هو اتي ڪنهن به چين مخالف تقريب ۾ نه ويو هو. هن چيو ته آمريڪي ايوان نمائندگان کي پاڪستان خلاف ڀڙڪايو پيو وڃي، سياست ڪريو پر پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جي حد تائين نه وڃو، ڪانگريس ميمبرن سان ملاقاتون تمام گهڻيون هاڪاري رهيون. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته چيمپئنز ٽرافي سبب صائمه ايوب جو مستقبل داءُ تي نٿو لڳائي سگهجي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ صائم جو پلاسٽر لهي ويندو، پاڻ سندس انجري کي مانيٽر ڪري پيو ۽ روزانو ساڻس رابطو ڪندو آهي.










