دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل آهيون: چين

دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل آهيون: چين

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ چيني سفير جيانگ زي ڊونگ چيو آهي ته چين هي طرح جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو، اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سان گڏ مضبوطي سان بيٺل آهيون.گهرو وزير محسن نقوي سان چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ جي اهم ملاقات ٿي جنهن ۾ چيني سفير بلوچستان ۾ ٿيل تازن دهشتگرد حملن جي مذمت ڪئي ۽ متاثر خاندان سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو.ملاقات ۾ دهشتگردي جي خاتمي سميت داخلي، سلامتي ۽ سيڪيورٽي تعاون تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جڏهن ته انٽيليجنس شيئرنگ ۽ سائبر ڪرائمز جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. چيني سفير چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ متاثرين سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. چين هر طرح جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو ۽ اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سان مضبوطي سان بيٺل آهيون.انهي موقعي تي محسن نقوي چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردي منظم ۽ طئي ٿيل منصوبي جي تحت ڪئي وئي پر بلوچستان ۾ دهشتگردي تي سيڪيورٽي فورسز وقت تي موثر ريسپانس ڏنو. گهرو وزير چيني سفير کي چيني شهرين ۽ ڇيني پروجيڪٽس جي حفاظت جي قدمن تي بريف ڪندي چيو ته چيني شهرين ۽ پروجيڪٽس جي حفاظت تمام گهڻو عزيز آهي. چيني شهرين کي هر ممڪن سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي انهي حوالي سان چيني شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ اسپيشل پروٽيڪشن يونٽ جوڙيو پيو وڃي. پاڪ چين دوستي کي دشمن ڪنهن به صورت ۾ نقصان نٿو پهچائي سگهي.محسن نقوي چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ شروع ڪيل آپريشن لاءِ جديد چيني ٽيڪنالاجي ۽ سازوسامان مددگار ثابت ٿيندو. محسن نقوي ۽ چيني سفير پاڪ چين اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ۽ چيني سفير چيني شهرين جي سيڪيورٽي تي کنيل قدمن تي ٿورو به ادا ڪيو جڏهن ته محسن نقوي چين طرفان هر موقعي تي غير متزلزل حمايت تي چيني سفير جو ٿورو ادا ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو