دشمن جي ڪنهن به جارحيت جو سختي سان جواب ڏنو ويندو: چوڌري

دشمن جي ڪنهن به جارحيت جو سختي سان جواب ڏنو ويندو: چوڌري

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي ۽ خوارج جي خلاف بهتر قدم کنيا آهن.مردان جي مختلف يونيورسٽين ۽ مدرسي جي استادن، شاگردن سان خصوصي گڏجاڻي ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. انهي گڏجاڻي ۾ عبدالولي خان يونيورسٽي، وومين يونيورسٽي، يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۽ مدرسن جي شاگردن ۽ استادن شرڪت ڪئي.ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري معرڪه حق، تازو پاڪ افغان ڇڪتاڻ ۽ سيڪيورٽي صورتحال سميت مختلف اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري واضح ڪيو ته پاڪستان دهشتگردي ۽ خوارج جي خلاف موثر قدم کنيا آهن، دشمن جي ڪنهن جارحيت جي خلاف پاڪ فوج ۽ عوام ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل آهن.انهي موقعي تي شاگردن ۽ استادن طرفان غازين ۽ شهيدن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ويو. استادن چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر جي ڳالهين کان پوءِ اسان جي پاڪ فوج جي باري ۾ ڪيترائي وسوسا ختم ٿي ويا، قوم امن جي ڪاوش ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پاڪ فوج جي ڪردار کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي.شاگردن چيو ته ملڪي سلامتي ۽ استحڪام کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ خيبرپختونخواهه جا نوجوان پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل آهن. اسان کي انهي ڳالهه مان آگاهي ملي ته ڪهڙي طرح ملڪ دشمن طاقتون اسان جي ملڪ ۽ پاڪ فوج جي خلاف سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا ڪنديون آهن.شاگردن اهو به چيو ته پاڪ فوج جي ملڪ کي پيش ايندڙ خطرن جي خاتمي لاءِ تمام گهڻيون قربانيون آهن. هاڻ اها اسان جي ذميواري آهي ته پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل رهون.

پهنجو تبصرو موڪليو