ٺٽو (جاويد لطيف ميمڻ) يادگار ڪاميٽي درگاھ مسڻ شريف طرفان حضرت صوفي فقير عبدالله مسڻ رحمت الله عليه جو ساليانو 39 ھون ٽي روزه عرس مبارڪ عقيدت ۽ احترام سان ملھايو پيو وڃي. جنھن جو افتتاح درگاھ شريف جي سجادہ نشين صوفي فقير جکرو مسڻ پاران پنھنجي مريدن ۽ عقيدتمندن سان گڏ درگاھ تي چادر چاڙھي ڪيو. جڏھن ته درگاھ تي روزانو عقيدتمندن طرفان درگاھ جي گادي نشين صوفي فقير جکرو مسڻ ۽ صوفي فقير علي دوست مسڻ جي موجودگي ۾ چادر ۽ ميندي آڻڻ جو سلسلو جاري آھي درگاھ تي شام جو ڪچھري جي راڳ سميت رات جو عام لنگر بعد فجر تائين عارفاڻي ڪلام جي محفل به ٿيندي. جنھن ۾ سنڌ جا سريلا راڳي، ريڊيو ٽي وي جا فنڪار فقير غلام رباني چانڊيو، رفيق فقير، فقير علي داد خاصخيلي، فقير علي حيدر خاصخيلي، فقير اشرف علي، فقير اعجاز علي خاصخيلي، فقير امام علي، فقير نصير احمد جسڪاڻي، فقير عبدالمجيد سيال، فقير اميربخش مڱڻيجو پنھنجي فن جو مظاھرو ڪن پيا. ميلي ۾ سيڪيورٽي جا انتھائي سخت انتظام ڪيا ويا آھن، ميلي جي پڄاڻي آچر جي ڏينھن درگاھ جھوڪ شريف جي گادي نشين جي موجودگي ۾ دعا خير سان ڪئي ويندي.










