دادو(رپورٽ عزيزالله خاصخيلي) دادو سٽي جي 24 وارڊن مان 19 پي پي ، 2 پي ٽي آءِ ۽ ٻن وارڊن تي آزاد اميدوارن ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. دادو ميونسپل ڪاميٽي جو پهريون نتيجو وارڊ نمبر 8 تان پاڪستان تحريڪ انصاف اميدوار وقار لاشاري 214 ووٽ کڻي ڪامياب پاڪستان پيپلز پارٽي اميدوار بشير الدين قريشي 180 ووٽ کڻي هارائي ويو، وارڊ 21 تي پ پ اميدوار حاجي لائق سولنگي 392 ووٽ کڻي ڪامياب پي ٽي آء اميدوار مجيد لاشاري 50 ووٽ کڻي هارائي ويو،وارڊ 22 پ پ اميدوار حاجي ڪارو سومرو 402 ووٽ کڻي ڪامياب پي ٽي آء جو اسلام الدين زنئور 159 ووٽ کڻي هارائي ويو، وارڊ 24 پ پ اميدوار عامر فاروق جمالي 786 ووٽ کڻي ڪامياب پي ٽي آء جو محمد هاشم زنئور 79 ووٽ کڻي هارائي ويو، وارڊ 13 پ پ اميدوار پير دانش علي 473 ووٽ کڻي ڪامياب پي ٽي آء جو ادريس ڀرٽ 150 ووٽ کڻي هارائي ويو، وارڊ 23 پ پ اميدوار وقار لنڊ 1200 ووٽ کڻي ڪامياب پي ٽي آء جو عبدالغني ٻٻر 200 ووٽ کڻي هارائي ويو، وارڊ 1 تي پ پ اميدوار شمس الدين عرف بابن خان پنهور 341 ووٽ کڻي ڪامياب پي ٽي آء جو ادريس ڀرٽ 66 ووٽ کڻي هارائي ويو، وارڊ 9 تي پ پ اميدوار اختر حسين ميمڻ 653 ووٽ کڻي ڪامياب پي ٽي آء جو ظھير چانڊيو 280 ووٽ کڻي هارائي ويو، وارڊ 7 آزاد اميدوار سيد امير شاه 478 ووٽ کڻي ڪامياب پ پ جو محمد علي پپو سولنگي 319 ووٽ کڻي هارائي ويو،وارڊ 6 پ پ اميدوار حفيظ جمالي 456 ووٽ کڻي ڪامياب پي ٽي آء جو نواب علي شاه 384 ووٽ کڻي هارائي ويو، وارڊ 15 تي آزاد اميدوار حبيب الله لغاري 340 ووٽ کڻي ڪامياب پ پ جو عبدالڪريم لغاري 279 ووٽ کڻي هارائي ويو، وارڊ 12 تي پ پ اميدوار وڪيل سعيد احمد ملاح 492 ووٽ کڻي ڪامياب پي ٽي آء جو پرويز چارڻ 230 ووٽ کڻي هارائي ويو،وارڊ 19 پ پ اميدوار رياض حسين گوپانگ 540 ووٽ کڻي ڪامياب پي ٽي آء جو ياسين سولنگي 203 ووٽ کڻي هارائي ويو، وارڊ 17 تي پي ٽي آء اميدوار شاهد زنئور 795 ووٽ کڻي ڪامياب پ پ اميدوار علي خان زنئور 603 ووٽ کڻي هارائي ويو، وارڊ 4 تي پ پ اميدوار ايم عمر پنهور 350 ووٽ کڻي ڪامياب، آزاد اميدوار اسلم خشڪ 129 ووٽ کڻي هارائي ويو، وارڊ 5 پ پ اميدوار قربان چانڊيو 376 ووٽ کڻي ڪامياب، پي ٽي آء جو سعيد سومرو 336 ووٽ کڻي هارائي ويو، جڏهن ته وارڊ 11 تي پ پ اميدوار خالد ميراڻي ۽ وارڊ 14 تي پ پ اميدوار رفيق احمد ميراڻي بنا مقابلي ڪامياب ٿيل آهن، ھوڏانهن وارڊ 20 تي پ پ اميدوار احمد سولنگي اليڪشن کان اڳ فوت ٿي ويو سندس مقابلي ۾ پي ٽي آء اميدوار ميڊم بشيران سولنگي هئي، باقي 3 وارڊن 2، 3 ۽ 18 تي ووٽن جي ڳڻپ جاري آھي، جڏهن ته کٽي آيل اميدوار خوشي مان شھر ۾ دهل شرنائين تي رقص ڪندي نعري بازي ڪندا رهيا.










