اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گڏيل مفادن جي ڪونسل تيل ۽ گيس تلاش ڪندڙ ڪمپنين لاءِ مراعاتي پيڪيج ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي ته جيئن هو خطرناڪ علائقن ۾ به گيس ۽ تيل جي تلاش جو ڪم جاري رکي سگهن. اهي خطرناڪ علائقا بلوچستان ۽ قبائلي پٽي ۾ واقع آهن جنهن کي هاڻي خيبرپختون خواهه صوبي ۾ ضم ڪيو ويو آهي. ان مراعاتي پيڪيج جو مقصد ملڪ ۾ تيل ۽ گيس جي پيداوار کي وڌائڻ آهي. ماهرن اندازو لڳايو آهي ته ان خطرن واري علائقن ۾ گيس جا 21 کرب ڪيوبڪ فٽ ويجهو ذخيرا موجود آهن. گڏيل مفادن واري ڪونسل طرفان سومر کان ان مراعاتي پيڪيج جي منظوري ڏني ويندي جنهن مطابق هڪ نئون سرحدي زون جوڙيو ويندو جنهن ۾ کاران، پشين ۽ قبائلي غير دريافت علائقا شامل هوندا. هن وقت ملڪ ۾ 3 زون قائم آهن زون ون، زون ٽو، زون ٿري جنهن ۾ گيس ۽ تيل جي تلاش جاري آهي. ڏکڻ بلوچستان، پشين، پوٽوهار اهي زون ون، کيرٿر، ڏکڻ بلوچستان، پنجاب ۽ ڪوهه سليمان زون ٽو، جڏهن ته درياءِ سنڌ سان لاڳاپيل علائقا زون ٿري ۾ شامل آهن. گڏيل مفادن جي ڪونسل چوٿين نئين زون جي زون 1-ايف جي نالي سان منظوري ڏني آهي جنهن جو مطالبو پاڪستان پيٽروليم ۽ پروڊڪشن ڪمپنيز ايسوسيئيشن طرفان ڪيو ويو هو ۽ ايسوسيئيشن جو موقف هيو ته تيل ۽ گيس جي تلاش ڪندڙ ڪمپنين کي وڌيڪ مراعتون ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هو خطرناڪ علائقن ۾ نئين سرمائيڪاري ڪري سگهن.










