شھدادپور: (رپورٽر) خراب گدرو ڇو ڏنو شهدادپور ڀرسان ڳوٺ مھر علي ٽالپر ۾ خاصخيلين وچ ۾ جھيڙو لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ ڪري ھڪ عورت سميت 12 ڄڻا رتورت ٿي پيا، زخمي سمس اسپتال منتقل ڪيو ويو ، شهدادپور ڀرسان ڳوٺ مھر علي ٽالپر ۾ خراب گدرو ڏيڻ تان خاصخيلين برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو جنھن سبب لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ ڪري ھڪ ڌر جا عورت مسمات سومل، ماهي خان، ذاڪر، مير محسن خاصخيلي، ٻئي ڌر جا سوڍو خاصخيلي، مختيار خاصخيلي، ارشاد خاصخيلي سميت 12 ڄڻا رتورت ٿي زخمي ٿي پيا جن کي سمس اسپتال آندو ويو.زخمين ٻڌايو تہ ريڙهي تان ورتل گدرو خراب ڏيڻ تان جھيڙو ٿيو آھي جنهن ٻنهي ڌرين جا ماڻهو زخمي ٿيا آھيون پوليس واقعي جي رپورٽ درج ڪري وڌيڪ جانچ ڪري رھي آھي.










