اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان جي يوم آزادي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف قوم کي مبارڪباد ڏني آهي ۽ چيو آهي ته اسان گذريل 7 ڏهاڪن ۾ ڪيتريون ئي مشڪلاتون برداشت ڪيون، الله جو شڪر آهي ته هاڻي اسان صحيح رخ ۾ وڃي رهيا آهيون.راجا پرويز اشرف چيو ته آزادي هڪ عظيم نعمت آهي، الله تعاليٰ جو شڪر آهي جو ان اسان کي اها عظيم نعمت عطا ڪئي، بابا قوم محمد علي جناح ۽ مفڪر پاڪستان علامه اقبال کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو.هن چيو ته پاڪستان جي ابن ڏاڏن ۽ بانين جي لازوال قربانين جي ڪري اڄ اسان آزاد ماحول ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون، پاڪستان جي قيام جو مقصد اسلامي اقدار ۽ روايتن موجب جمهوري نظام جو قيام هو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو چوڻ آهي ته بحيثيت قوم اسان کي نفرت ۽ انتها پسندي کي ڇڏي جمهوري روايتون اختيار ڪرڻيون پونديون، عورتن ۽ نوجوانن جي شموليت کانسواءِ ڪو به ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي.هن چيو ته پاڪستان جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي، مادر وطن جي دفاع لاءِ اسان جي هٿياربند فوج بي مثال قربانيون ڏنيون آهن، جشن آزادي جي موقعي تي اسان کي پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن کي نه وسارڻ گهرجي.راجا پرويز اشرف چيو ته ڪشميرين ۽ فلسطينين کي آزادي جي نعمت کان محروم رکڻ دنيا جي جديد اصولن جي خلاف آهي.










