خان کي اسپتال منتقل نه ڪرڻ خلاف اپوزيشن جي ڌرڻي جو ٽيون ڏينهن

خان کي اسپتال منتقل نه ڪرڻ خلاف اپوزيشن جي ڌرڻي جو ٽيون ڏينهن

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان جي اسپتال منتقلي جي معاملي تي اپوزيشن اتحاد جو احتجاج ٽئين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو.اپوزيشن اڳواڻن طرفان پارليامينٽ هائوس، پارليامينٽ لاجز ۽ ڪي پي ڪي هائوس ۾ ڌرڻا جاري آهن. جڏهن ته راڄڌاني جي مصروف ترين شاهراهه دستور به مڪمل طور تي بند آهي. تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني جي الشفا آءِ اسپتال منتقلي تائين ڌرڻو جاري رهندو. پي ٽي آءِ ترجمان جو چوڻ هو ته ذاتي ڊاڪٽرن جي غير موجودگي ۾ پي ٽي آءِ باني جو علاج شروع نه ڪيو وڃي.ٻئي طرف پي ٽي آءِ باني جي طبي معائني لاءِ حڪومت جو ميڊيڪل پينل ڇنڇر ۽ آچر جي رات اڊياله جيل نه اچي سگهيو. ميڊيڪل بورڊ جي سفارش جي روشني ۾ باني کي اسپتال منتقل ڪيو ويندو.ياد رهي ته باني جي طبي معائني لاءِ حڪومت ميڊيڪل پينل جوڙي ڇڏيو آهي. پينل ۾ ڊاڪٽر امجد ۽ پروفيسر ڊاڪٽر نديم قريشي شامل آهن. سپريم ڪورٽ 16 فيبروري کان اڳ عمران خان جي طبي معائني جي مڪمل رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو