خان جي ملٽري حوالگي سان فيصلو ناهي ڪيو،درخواست اڪلائي وئي

خان جي ملٽري حوالگي سان فيصلو ناهي ڪيو،درخواست اڪلائي وئي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جي فوجي ٽرائل بابت ڪيس ۾ ايڊيشنل اٽارني جي بيان کانپوءِ درخواست اڪلائي ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پي ٽي آءِ جي باني جي ممڪنه فوجي نظربندي ۽ ٽرائل روڪڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال ڊوگل ۽ بچاءَ واري وزارت جا نمائندا عدالت ۾ پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته عمران خان جي فوجي ٽرائل تي ڪو به فيصلو ناهي ٿيو، جيڪڏهن اهڙو فيصلو آيو ته قانوني طريقو اختيار ڪيو ويندو.ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته فوجي ٽرائل جو فيصلو ٿيو ته درخواست پهرين سول مئجسٽريٽ ڏانهن موڪلي ويندي.ايڊيشنل اٽارني جنرل جي جواب کانپوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي باني جي درخواست اڪلائي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو