اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سينيٽر بئريسٽر علي ظفر چيو آهي ته هن وقت حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين لاءِ ڪو به ماحول ناهي.نجي ٽي وي سان ڳالهه ٻولهه دوران بئريسٽر علي ظفر چيو ته پي ٽي آءِ ڳالهين جي حق ۾ آهي پر ڳالهين جي ڪا به روشني ناهي.هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 17 جي مطابق هر سياسي پارٽي کي سياست ڪرڻ جو حق آهي، پر اسان جي پارٽي کي ڪنهن به قسم جي سياسي سرگرمي ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت ناهي. آرٽيڪل 17-II واضح طور تي چوي ٿو ته ڪا به سياسي پارٽي ملڪ جي سالميت جي خلاف نه ٿي سگهي.سينيٽر بئريسٽر علي ظفر وڌيڪ چيو ته هن آرٽيڪل تي پارليامينٽ ۾ تمام گهڻي بحث ٿي، پوءِ اليڪشن ايڪٽ ٺاهيو ويو. اليڪشن ايڪٽ ۾، اهڙي پارٽي خلاف تفصيلي ثبوت هجڻ گهرجن جيڪا ملڪ جي سالميت جي خلاف هجي.هن چيو ته صرف الزام لڳائڻ ڪافي ناهي، باضابطه ثبوت سپريم ڪورٽ يا آئيني عدالت ۾ پيش ڪرڻا پوندا آهن. هن وقت ماحول ڳالهين لاءِ سازگار نظر نٿو اچي.هن دعويٰ ڪئي ته حڪومت ماحول پيدا نه ڪري رهي آهي، تنهن ڪري ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن.










