حڪومت پيٽرول کي آمدني جو ذريعو بڻايو آهي: نعيم الرحمان

حڪومت پيٽرول کي آمدني جو ذريعو بڻايو آهي: نعيم الرحمان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته حڪومت پيٽرول کي آمدني جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي. پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ تي رد عمل ظاهر ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته حڪمران عالمي مارڪيٽ جو نالو وٺي عوام کان ڳري ليوي وصول ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پيٽروليم ليوي جو پيٽرول جي قيمت سان ڪو به تعلق ناهي، ۽ في ليٽر 150 رپين کان وڌيڪ ٽيڪس ۽ ليوي وصول ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو