لنڊن(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت جي ڪارڪردگي پي ٽي آءِ حڪومت کان به بدتر آهي. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته پاڪستان جي عوام کي شاندار موٽ ملي آهي ۽ پارٽي تيزي سان وڌي رهي آهي.هن چيو ته وفاقي حڪومت جي ڪارڪردگي پي ٽي آءِ حڪومت کان به وڌيڪ خراب آهي.ٻئي طرف اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو ته اسان ڪنهن جي هنج ۾ ويهڻ سان اقتدار ۾ نه اينداسين، مسلم ليگ پنهنجو رستو وڃائي چڪي آهي ۽ پي ٽي آءِ تمام وڏي ٿي چڪي آهي.مفتاح اسماعيل چيو ته هي نواز شريف جي مسلم ليگ به نه رهي آهي، اڄ ٻارن ۽ ڀائرن جي حڪومت اقتدار ۾ آئي آهي.










