اسلام آباد( رپورٽ الله وسايو گهوٽو) سينيٽر فيصل جاويد جو چوڻ آهي ته جنهن ڪيمرا ڳولي آهي ان کي ڪيئن خبر پئي ته ڪيمرا لڳل آهي.اسلام آباد ۾ فيصل جاويد سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ جي وفاقي وزير شبلي فراز جو چوڻ هو ته سينيٽ جي پولنگ بوٿ ۾ ڪيمرا جي ڀرپور نموني جاچ ڪرائي ويندي، اسان گهرائي تائين وينداسين ته اهو ڪنهن ڪيو، ان کي بي نقاب ڪنداسين، في الحال حلف برداري ٿي آهي، اپوزيشن ميمبرن جي سازش سامهون آئي، اپوزيشن ڊرامو رچايو آهي، ڪيمرا هڻڻ جي جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ پولنگ لاءِ نئون بوٿ ٺاهيو وڃي. هڪ پاسي حڪومتي وزير اپوزيشن تي الزام ٿا هڻن ٻئي پاسي سائنس ۽ٽيڪنالاجي واري وزير فواد چوڌري چيو آهي سيڪورٽي حڪومت جي ذميواري آهي، جاچ لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن جي ميمبرن تي مشتمل پارليماني ڪميٽي قائم ڪئي وڃي.










