حيدرآباد ۾ پوليس مقابلو، 2 ڊاڪو زخمي حالت ۾ گرفتار

حيدرآباد ۾ پوليس مقابلو، 2 ڊاڪو زخمي حالت ۾ گرفتار

حيدرآباد: (ن س) حيدرآباد ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن جي وچ ۾ مبينا مقابلو ٿيو، جنهن دوران ٻه ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا.پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته ٽنڊو يوسف جي علائقي ۾ پوليس مقابلو ٿيو، گرفتار ڌاڙيلن کان ٻه غير قانوني پسٽل هٿ ڪيا ويا آهن. گرفتار ڌاڙيل ڪوٽڙي جا رهواسي آهن ۽ ٻنهي جو ڪرمنل ريڪارڊ موجود آهي.پوليس ترجمان موجب، ڊاڪن جي سڃاڻپ ڪاشف ملاح ۽ مقبول لغاري جي نالن سان ٿي آهي. پوليس مقابلي کانپوءِ زخمي ڌاڙيلن کي طبي امداد لاءِ سول هسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار ڊاڪن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سندن ٻين ساٿين کي پڪڙڻ لاءِ به ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو