حيدرآباد ۾ ٻار هٿان رائفل هلڻ تي ڀاءُ مارجي ويو، ٻه زخمي

حيدرآباد ۾ ٻار هٿان رائفل هلڻ تي ڀاءُ مارجي ويو، ٻه زخمي

حيدرآباد: (ن س) حيدرآباد ضلعي ۾ هڪ ٻار پاران رائفل تان فائر ڪرڻ سبب ڀاءُ فوت ٿي ويو.ذريعن موجب، افسوسناڪ واقعو يونين ڪائونسل سري جي ڳوٺ فضل پالاري ۾ پيش آيو، جتي 9 سالن جي ٻار پاران رائفل تان فائر ڪرڻ سبب 12 سالن جو ڀاءُ فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻه ٻيا ٻار پڻ زخمي ٿيا.خاندان جو چوڻ آهي ته ٻار گهر ۾ راند ڪري رهيا هئا ته اوچتو گولي لڳي وئي، جڏهن ته گولي هلائيندڙ ٻار ۽ سندس دوست پڻ پيلٽ گن سان زخمي ٿي پيا.واقعي جي اطلاع ملڻ تي، ريسڪيو ۽ پوليس اهلڪار پڻ موقعي تي پهچي ويا، جن فوت ٿيل ٻار جي لاش ۽ زخمين کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو جتي زخمين جو علاج جاري آهي.ٻئي طرف، پوليس وڌيڪ چيو ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو