ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) گورنر سنڌ نهال هاشمي چيو آهي ته حج ڏک ۽ صبر جو نالو آهي، حاجين کي ملڪ جي سلامتي لاءِ دعا ڪرڻ گهرجي.گورنر سنڌ نهال هاشمي ڪراچي ايئرپورٽ تي پهرين حج فلائيٽ جي خاص تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته توهان تمام خوش قسمت ماڻهو آهيو جيڪي حج تي وڃي رهيا آهيو، توهان سڀني حاجين کي الله تعاليٰ کان دعا ڪرڻ گهرجي ته ملڪ ترقي ڪري، پاڪستان ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ دعا ڪريو، حلال روزي ڪمائڻ جي ڪوششن لاءِ دعا ڪريو.










