اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ- ف) 8 فيبروري تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان حوالي سان جمعيت علماءِ اسلام پاڪستان جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل مولانا عبدالغفور حيدري چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان جي حڪم تي جي يو آءِ جي ڪارڪنن کي 8 فيبروري تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ گهرجي. مولانا عبدالغفور حيدري جو چوڻ آهي ته 8 فيبروري تي هر شهر ۾ گڏجاڻيون ۽ ريليون منعقد ڪيون وڃن ۽ پريس ڪلبن جي سامهون پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرايو وڃي. هن چيو ته ڪارو ڏينهن ملهائڻ سان اهو ثبوت ڏنو ويندو ته 8 فيبروري جي اليڪشن قوم لاءِ ناقابل قبول آهي. انهن جو اهو به چوڻ آهي ته ناڪام اميدوارن کي فارم 47 ذريعي ڪامياب قرار ڏنو ويو، جيڪو عوامي مينڊيٽ جي کليل ڦرلٽ آهي.










