جونيئر هاڪي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي اٺين پوزيشن تي اچي ويو

جونيئر هاڪي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي اٺين پوزيشن تي اچي ويو

ڪوالالمپور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جونيئر ٽيم جونيئر هاڪي ورلڊ ڪپ ۾ اٺين پوزيشن حاصل ڪري ورتي.ڪوالالمپور ۾ کيڏيل ايونٽ ۾ ارجنٽائن 7 کان 8 هين پوزيشن جي ميچ ۾ پاڪستان کي 6 گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي.پاڪستان لاءِ ٽيئي گول ارباز احمد ڪيا.ميچ جي پهرين ڪوارٽر ۾ مقابلو هڪ گول ۽ ٻئي ۾ ٻن گولن سان برابر رهيو.ارجنٽائن ٽئين ۽ چوٿين ڪوارٽر ۾ 4 گول ڪيا.پاڪستان ٽئين ۽ چوٿين ڪوارٽر ۾ رڳو هڪ گول ڪري سگهيو.جونيئر هاڪي ورلڊ ڪپ ۾ 16 ٽيمن حصو ورتو آهي.ايونٽ جو فائنل اڄ جرمني ۽ فرانس وچ ۾ کيڏيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو