واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر جو بائيڊن ماضي ۾ يونيورسٽي آف پينسلوانيا مان 3 سالن ۾ 1 ملين ڊالر تنخواه طور ورتي پر شاگردن کي هڪ ڀيرو به نه پڙهايو.پرڏيهي ميڊيا موجب جو بائيڊن کي وائيس پريزيڊنٽ جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ کانپوءِ يونيورسٽي آف پينسلوانيا طرفان پروفيسر طور 1 ملين ڊالر ڏنا ويا پر هن يونيورسٽي ۾ ڪا به ڪلاس نه ورتي.رپورٽن مطابق ان حوالي سان آمريڪي صدر ڪالهه هڪ ملاقات ۾ چيو ته هو پينسلوانيا ۾ پروفيسر طور 4 سالن بعد نائب صدر رهيو.پرڏيهي ميڊيا موجب 2 سالن دوران آمريڪي يونيورسٽي پروفيسر بائيڊن کي 1 ملين ڊالر ڏنا پر هن هڪ ڀيرو به شاگردن کي تعليم نه ڏني.هڪ تحقيقاتي رپورٽ موجب جو بائيڊن کي 2017 ۾ 371 هزار 159 ڊالر ۽ 2018 ۽ 2019 ۾ 5 لک 40 هزار 484 ڊالر ڏنا ويا.رپورٽن مطابق 2017 ۾ جو بائيڊن کي اعزازي پروفيسر جو عهدو ڏنو ويو هو.ياد رهي ته جوبائيڊن اڳوڻي آمريڪي صدر بارڪ اوباما جي دور ۾ آمريڪا جو نائب صدر هو.










