جناح هائوس حملو ڪيس: پنجاب حڪومت کي نوٽيس جاري

جناح هائوس حملو ڪيس: پنجاب حڪومت کي نوٽيس جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ جناح هائوس حملي ڪيس جي جوابدار حماد نذير جي ضمانت واري درخواست تي پنجاب حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه پڇاڻو ڪيو ته جوابدارن تي ڪهڙو الزام آهي؟ وڪيل چيو ته جوابدار تي پوليس ڪانسٽيبل کي لٺين سان مارڻ جو الزام آهي، ميڊيڪل رپورٽ موجب پوليس اهلڪار پٿراءُ ڪري زخمي ٿيو آهي.جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته ڇا جوابدار موقعي تي موجود هو؟ جوابدار جي وڪيل چيو ته جوابدار دڪاندار آهي ۽ واقعي واري هنڌ موجود نه هو.جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته ڇا جوابدارن جي موجودگي جي ڪا سي سي ٽي وي فوٽيج آهي؟ جسٽس منصور علي شاهه پڇاڻو ڪيو ته جوابدارن جي موجودگيءَ جا ڪهڙا ثبوت پيش ڪيا ويا آهن؟ وڪيل چيو ته نه سي سي ٽي وي ٺاهي وئي ۽ نه ئي ڪو ثبوت آهي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.ان کانسواءِ جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ايم پي اي لطيف نذير جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت تي ٻڌڻي ڪئي. معاون وڪيل چيو ته درخواستگذار جي وڪيل اڪرم اعواڻ جي طبيعت خراب آهي. جسٽس منصور علي شاهه پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ چاهيو ٿا؟ معاون وڪيل استدعا ڪئي ته اڪرم اعواڻ جي اچڻ تائين ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي. جسٽس منصور علي شاهه پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان جو موکل عدالتي ڪمري ۾ موجود آهي؟ معاون وڪيل چيو ته جي ها منهنجو موکل عدالتي ڪمري ۾ موجود آهي. سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جوابدارن جي وڪيل جي پيش نه ٿيڻ سبب ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو