جمرود: (ويب ڊيسڪ) جمرود ۾ هڪ افسوسناڪ ٽرئفڪ حادثي ۾ گهوٽ سميت چار ماڻهو فوت ٿي ويا. خيبر ضلعي جي جمرود علائقي ۾ ڪار ۽ ٽرڪ جي ٽڪر جي نتيجي ۾ گهوٽ سميت چار ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ شخص زخمي ٿي پيو. گهوٽ پنهنجن دوستن سان گڏ هڪ سيلون مان واپس اچي رهيو هو ته حادثو پيش آيو. ريسڪيو اختيارين موجب، فوت ٿيندڙن ۾ منصور پٽ عبدالقار، نعمان پٽ مجيب، سهيل، ضراب پٽ خوشدل شامل آهن. فوت ٿيلن جي لاشن کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس واقعي واري هنڌ کي گهيري ۾ وٺي ثبوت گڏ ڪيا آهن ۽ حادثي جي سببن جي ڳولا لاءِ وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.










