جماعت اسلامي جا پيٽرول قيمتن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف احتجاجي مظاھرا

جماعت اسلامي جا پيٽرول قيمتن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف احتجاجي مظاھرا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان جي اپيل تي جمعي ڏينهن ڪراچي کان ڪشمور تائين سڄي سنڌ ۾ تيل اگھن ۾ ڪيل ظالماڻي واڌ ۽ حڪومت جي عوام دشمن پاليسين خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. صوبائي ترجمان مجاهد چنا موجب اڄ جماعت اسلامي جي سري ھيٺ سنڌ جي مختلف شهرن، ڪراچي، حيدرآباد، دادو، لاڙڪاڻو، سانگهڙ، نوابشاهه، ٽنڊو الهيار، سکر، جيڪب آباد، خيرپور، سعيد آباد، ٽنڊو محمد خان، کڏڙو، شهدادڪوٽ، چمبڙ، ٽنڊو آدم، شڪارپور سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. سخت گرمي ۽ نھٽڻ اس جي باوجود شرڪت ڪندڙن مهانگائي ۽ حڪومت جي عوام دشمن فيصلن خلاف سخت نعريبازي ڪئي، پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ واپس وٺڻ ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جو مطالبو ڪيو. احتجاجي مظاهرن کي مرڪزي اڳواڻ ممتاز حسين سهتو، صوبائي اڳواڻ حافظ نصرالله چنا، مولانا حزب الله جکرو، امداد الله بجاراڻي، محمد افضال، سيد علي مردان شاهه، زبير حفيظ شيخ، مولانا نور محمد ڪاڪا، سرور احمد قريشي، رفيق منصوري، محمد ابوبڪر سومرو، امتياز حسين سهتو، ديدار لاشاري، محمد موسيٰ ٻٻر، ڊاڪٽر محمود الاهي هڪڙو، مولانا صدرالدين مهر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر رات پيٽ ۾ پيٽرول قيمتون وڌائي عوام مٿان پيٽرول بم نه پر ايٽم بم ڪيرايو آهي. هنن مطالبو ڪيو آهي ته حڪمران آءِ ايم ايف جي مطالبن ۽ عوام دشمن فيصلن تي عمل ڪرڻ بدران پنهنجي عيش عشرت ۽ مفت خوري ختم ڪري عوام کي رليف فراهم ڪن. پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ مهانگائي جو هڪ نئون طوفان آڻيندي، جنهن جو سڄو بار عام ماڻهو جي کيسي تي پوندو. جنهن جي ڪري عام ماڻهو لاءِ جيئڻ مشڪل ٿي ويندو. تنهن ڪري قيمتون وڌائڻ جو فيصلو واپس ورتو وڃي ۽ عوام کي عزت سان جيئڻ جو حق ڏنو وڃي. هنن چيو ته عوام جي اجتماعي جدوجهد ئي ڪرپٽ نظام ۽ نااهل قيادت کان نجات حاصل ڪرڻ جو واحد طريقو آهي. اڳواڻن زور ڏنو ته موجوده صورتحال ۾ خاموش رهڻ مسئلن کي وڌيڪ وڌائڻ جي برابر آهي، تنهن ڪري هر شهري کي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ نڪرڻ گهرجي ۽ منصفاڻي نظام جي قيام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.#

پهنجو تبصرو موڪليو