ڪراچي( ن س )سنڌ ادبي سنگت شاخ چوھڙجمالي جلالپور ڪئنال ء سنڌو تي ٺهندڙ ڪئنالن خلاف احتجاجي ريلي ء مظاهرو ڪيو ويو.سنڌ ادبي سنگت شاخ چوھڙجمالي پاران پريس ڪلب چوھڙجمالي اڳيان جلالپور ڪئنال ء سنڌو تي ٺھندڙ ڪئنالن خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.ريلي جي قيادت سنڌ ادبي سنگت جي اڳواڻن ناشاد ملاح، شڪيل پارس ۽ شھزاد علي ميمڻ.سائين صديق ميمڻ.اصغر ميمڻ ڪئي.ريلي ۾ وڏي تعداد ۾ اديب،شاعر،ڪارڪن ۽ شهري شرڪت ڪئي. ريلي جي شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي جلالپور ڪئنال نامنظور جا نعرا ھنيا ويا.احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت عوام سان وڏو ڌوکو ڪيو آهي. جلالپور ڪئنال ٺاهي سنڌ کي بنجر بڻائڻ جون سازشون ڪيون ويون آهن. اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جي زندگي آهي.ان جي پاڻي تي ڪا به سوديبازي برداشت نه ڪئي ويندي. ھنن چيو ته سنڌ جا وسيلا لٽڻ لاءِ سازشون ٿي رهيون آهن،پر سنڌ جا اديب ۽ عوام اهڙين سازشن کي ڪامياب نه ٿيڻ ڏيندا.حڪومت فوري طور جلالپور ڪئنال جو منصوبو رد ڪري ۽ سنڌ جي پاڻي جا حق محفوظ ڪري، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.ريلي جي اڳواڻن قرارداد ذريعي مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ دشمن منصوبا فوري رد ڪيا وڃن.










