جعلي ڊگري، شازيه مري جي نااهلي لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل

جعلي ڊگري، شازيه مري جي نااهلي لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) جعلي ڊگري واري الزام ۾ وقافي وزير شازيه مري جي نااهلي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.درخواست موجب شازيه مري 2018ع وارن نامزدگي ڪاغذن ۾ غلط بياني ڪئي ۽ ڪوڙو حلفي بيان جمع ڪرايو، شازيه مري جي نامزدگي ڪاغذن تي مختلف اميدوارن طرفان اعتراض واريا ويا هئا.ڪشن چند پرواني طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن ٽربيونل ثبوتن جو درست جائزو وٺڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ انڪري ٽربيونل وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.درخواست ۾ گذارش ڪئي وئي آهي ته غلط بياني ڪندڙ وزير شازيه مري کي آرٽيڪل ون 62 ايف تحت نااهل قرار ڏئي کيس قومي اسيمبلي جي سيٽ تان هٽايو وڃي ۽ مٿس مستقبل ۾ چونڊ وڙهڻ تي پابندي مڙهي وڃي.درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شازيه مري آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 تي پور نٿي لهي ۽ ايم اين اي جي سيٽ جي اهل نه آهي، اليڪشن ٽربيونل جو 12 نومبر 2022 وارو فيصلو قانون جي خلاف آهي.درخواست ۾ چيوويو آهي ته شازيه مري جي لينڊلارڊ فيملي سان واسطو رکي ٿي هن نه ڪڏهن لياري مان تعليم پرائي ن ئي اتي سندس رهائش هئي .

پهنجو تبصرو موڪليو