اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)صدر آصف علي زرداري سپريم ڪورٽ جي ججن منصور علي شاهه ۽ اطهر من الله جون استعيفائون قبول ڪري ورتيون آهن، جمعي ڏينهن صدر جي سرڪاري X اڪاؤنٽ تي ڪيل هڪ پوسٽ ۾ ان جو اعلان ڪيو ويو آهي. انهن ٻنهي ججن پنهنجون استعيفائون گذريل ڏينهن جمع ڪرايون هيون. سندن استعيفائون ان وقت آيون جڏهن پارليامينٽ تڪراري ستاويهين آئيني ترميم منظور ڪئي ۽ صدر ان تي صحيح ڪري ان کي قانون بڻايو، جنهن کي ٻنهي ججن عدليه ۽ 1973ع جي آئين تي حملو قرار ڏنو. “تنهنڪري، مان مڪمل شعور سان ۽ پنهنجي عدالتي زندگي جي هر قدم تي آئين جي وفاداري نڀائيندي، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي سينيئر ترين جج جي حيثيت سان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهيان”، جسٽس شاهه پنهنجي 13 صفحن جي استعيفيٰ ۾ لکيو، جيڪو انگريزي ۽ اردو ٻنهي ۾ جاري ٿيو. اهي خط صدر ڏانهن موڪليا ويا. جسٽس شاهه ترميم کي “آئين تي سنگين حملو” قرار ڏنو ۽ چيو ته 27هين ترميم سپريم ڪورٽ کي ٽوڙي ڇڏيو، عدليه کي انتظاميا جي ڪنٽرول هيٺ رکيو ۽ “اسان جي آئيني جمهوريت جي دل” تي ڌڪ هنيو. هن چيو ته هن ترميم انصاف کي “وڌيڪ پري، وڌيڪ ڪمزور ۽ وڌيڪ طاقت جي آڏو غيرمحفوظ” بڻائي ڇڏيو. جسٽس اطهر من الله پنهنجي استعيفيٰ ۾ افسوس جو اظهار ڪيو ته جيڪو آئين هن بچائڻ جو حلف کنيو هو، اهو هاڻي “موجود ئي نه رهيو آهي” ٻنهي ججن تازو ئي پاڪستان جي چيف جسٽس (CJP) يحيى آفريدي کي خط لکي فل ڪورٽ اجلاس گهرڻ جي درخواست ڪئي هئي ته جيئن هن ترميم تي غور ٿي سگهي. سپريم ڪورٽ جي پريس رليز مطابق، اڄ چيف جسٽس آفريدي طرفان سڏايل فل ڪورٽ اجلاس ۾ 27هين ترميم تي ڪا به بحث نه ٿي، ۽ گڏوگڏ اجلاس سپريم ڪورٽ رولز 2025 جي آخري منظوري به ڏني. دفاع واري وزير خواجه آصف اڄ ٻنهي ججن تي تنقيد ڪندي چيو ته انهن جا “ضمير تڏهن ڇو جاڳيا جڏهن انهن جي اجاراداري ختم ڪئي وئي.” هن چيو ته جڏهن سياستدانن سان ظلم ڪيو ويو ان وقت هنن جو ضمير ڇو نه جاڳيو.؟










