ڪراچي (باغي ساگر پنهوار )ثقافت کاتي پارن ڪيفي ثقافت ۾ نامياري راڳي سڄڻ سنڌيءَ سان رهاڻ رچائي وئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ثقافت واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته سڄڻ سنڌيءَ جو سنڌي موسيقيءَ ۾ تمام وڏو ڪردار آهي هن قومي گيتن سان گڏوگڏ رومانوي شاعري به ڳائي، شيخ اياز کي سڄڻ سنڌيءَ ڪمال ڳايو آهي. سڄڻ سنڌي چيو ته اسانکي فخر آهي ته شعور واري دور جي پيداوار آهيان، ماچس جي دٻيءَ تي ڪلام ڪمپوز ڪندو هئس. بعد ۾ سڄڻ سنڌي پنهنجا مشهور ڪلام ڳائي مداحن کي موهي وڌو. ثقافت کاتي جي وزير سيد سردار علي شاھ، سڄڻ سنڌيءَ کي ڪيفي ثقافت ۾ اچڻ تي ڀليڪار ڪيو ۽ کيس گلدستو پيش ڪيو. پروگرام جو ميزبان ناميارو سينئر صحافي نثار کوکر هو.

ڪلچر کاتي جي فيسبوڪ پيج تان هي پروگرام لائيو ڏيکاريو ويو. جيڪو سنڌ سميت پوري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هزارين مداحن لائيو ڏٺو ۽ پسند ڪيو. ڪيفي ثقافت ۾ زندگيءَ جو حال احوال ٻڌائيندي سڄڻ سنڌيءَ حال اوريو ته هڪ دور هو جنهن ۾ تمام وڏا ڪلاڪار، شاعر ۽ اديب پيدا ٿيا ۽ بس پاڻ به ان ئي دور جي پيداوار آهيون. هن چيو ته استاد گلزار علي خان سان محبت جو لاڳاپو هيو، ان سان گڏ ڪچهريون رهيون، ڪتابن جو مطالعو، سياسي، سماجي بحث ۽ علم جي تلاش سانڍيندي اندر جو ويراڳي هيو جنهن ماچيس جي دٻيءَ ذريعي رڌم ڪمپوز ڪري دوستن کي ٻڌائيندا هئاسين.هن ٻڌايو ته سندس اصل نالو قربان علي ۽ سندس ذات جو اعواڻ آهي.سندس ڳوٺ موهن جي دڙي ڀرسان آهي. ڪيفي ثقافت جي ميزبان نثار کوکر پاران تعليم حاصل ڪرڻ واري سوال جي جواب ۾ سڄڻ سنڌيءَ چيو ته بس ٻارنهن درجا فارمل پڙهيس پر پوءِ ڪتابن جو مطالعو ۽ اهل علم جي صحبت منهنجي رهنمائي ڪندي رهي ٿي ۽ ان مان ئي سکيو اٿم ته زندگي ٻين جي ڪم اچڻ جو نالو آهي. نه اوهان ڪنهن ٻئي جو حق کائو ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي کي پنهنجو حق کائڻ ڏيو. هن چيو ته هو ڪلامن جي چونڊ ان ڪسوٽيءَ سان ڪندو آهي ته اهڙي شاعري جنهن سان ٻڌندڙ عام ماڻهوءَ مان تبديل ٿي بهتر انسان ٿين. ڪوشش هوندي آهي ته اهڙو سٺو خيال چونڊ ڪري پنهنجن ٻڌندڙن تائين پهچائجي ته جيئن سندن زندگين ۾ مثبت تبديلي اچي. سڄڻ سنڌيءَ پروگرام جي پڄاڻيءَ تي پنهنجن ٻڌندڙن کي پيغام ڏنو ته علم رڳو اهو ناهي جيڪو اوهان نصابن ۾ پڙهو ٿا پر علم اهو آهي جنهن مان اهي نصاب جُڙن ٿا. انهيءَ لاءِ نوجوانن لاءِ اهو ضروري آهي ته هو دنيا جي علم سان گڏوگڏ اصل علم تي به پنهنجي نظر رکندا اچن. ڪيفي ثقافت ۾ سڄڻ سنڌيءَ پيرن کي روڪجي مگر نيڻن کي ڇا ڪجي، پرين تون منهنجو نصييب ٿي وڃ، ڏک هوندي به سک پهچائين پڪ سان مٺڙا سنڌ جو آهين، ڪا خبر ناهي ڪٿي زندگي جي شام ٿئي، وڃون ڪنويليو وڃو وڃي پرينءَ کي چئو، پيارا ماڻهو الائي ڪاڏي ويا، عشق ٿيندو سياڻو ڪٿي آ پرين ۽ ٻيا ڪلام ڳايا.










