توانائي بحران سبب ميرپورخاص ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو

توانائي بحران سبب ميرپورخاص ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو

ميرپور خاص: (ن س) توانائي بحران جي ڪري ميرپور خاص ۾ به سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو.ميرپور خاص انتظاميا توانائي جي موثر استعمال لاءِ قدم کڻڻ شروع ڪيا آهن، مختلف علائقن ۾ پوليس آپريشن ڪيا ويا، سرڪاري حڪمن تي عمل ڪيو ويو، ۽ بلديا موبائل مارڪيٽ بند ڪئي وئي.انتظاميا شاهي بازار، ايم اي جناح روڊ سميت ٻين مارڪيٽن کي به بند ڪري ڇڏيو، دڪاندارن کي ڪم جي ڪلاڪن تي عمل ڪرڻ جي سختي سان هدايت ڪئي وئي، ۽ خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي.پوليس سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمن تي عمل نه ڪندڙ دڪاندارن جو سامان ضبط ڪري پوليس اسٽيشن منتقل ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو