ترين گروپ جو وفد اڄ پنجاب جي وڏي وزير سان ملاقات ڪندو

ترين گروپ جو وفد اڄ پنجاب جي وڏي وزير سان ملاقات ڪندو

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين جو نامزد وڏي وزير سان ملاقات جي لاءِ 6 ميمبرن تي ٻڌل ٻيو وفد جوڙيو آهي جنهن ۾ سعيد اڪبر نواني، اجمل چيمه، نعمان لنگڙيال ۽ ٻيا شامل آهن. ذريعن موجب ترين گروپ پنجاب جي وڏي وزير کي پنهنجي خدشن کان آگاهي ڏيندو ۽ وڏو وزير ترين گروپ جي وفد جي اعزاز ۾ مانجهندو ڏيندو. جڏهن ته  ترين گروپ جي  ملاقات ڏينهن جو 12 وڳي ٿيندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ترين گروپ پنجاب اسيمبلي جي اجلاس بابت لائحه عمل به تيار ڪري ورتو آهي. ترين گروپ جا ميمبر صوبائي وزير نعمان لنگڙيال جي اسيمبلي آفيس ۾ جمع ٿيندا جيڪي پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر سان ملاقات ڪندا.ذريعن موجب ترين گروپ اسپيڪر سان پنهنجي اڳواڻ سعيد اڪبر نواني کي هائوس ۾ خطاب جي لاءِ وقت ڏيڻ جي درخواست ڪندو. جڏهن ته ترين گروپ جو پارلياماني اڳواڻ سعيد نواني اسيمبلي فلور تي پنهنجا خدشا بيان ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو