ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نون ترقي ماڻيندڙ پوليس آفيسرن (PSP) کي رينڪ لڳائڻ واري تقريب وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ڪئي. تقريب ۾ صوبائي وزير صنعت ڄام اڪرام ڌاريجو، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، انسپيڪٽر جنرل پوليس غلام نبي ميمڻ، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير پي ايس پي جي 21 گريڊ جي نون ترقي ماڻيندڙ آفيسرن کي رينڪ لڳايا جن ۾ منير شيخ ۽ خادم رند شامل آهن. پي ايس پي آفيسرن ۾ 20 گريڊ ۾ ترقيون ماڻيندڙ عثمان غني صديقي، تنوير عالم اوڍو، طارق ڌاريجو ۽ عطا الله چانڊيو شامل آهن.
















