اسلام آباد)بيورو رپورٽ) صحت واري وزارت حڪومت کي تجويز ڏني آهي ته ايندڙ 2025-26 جي بجيٽ ۾ سوين تيار ۽ انتهائي پروسيس ٿيل کاڌي ۽ مشروبات، جن کي عام طور تي بيڪري ۽ ڪنفيڪشنري جي شين جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، تي 20 سيڪڙو صحت ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي.ڪجهه شين تي جتي وفاقي ايڪسائيز ڊيوٽي اڳ ۾ ئي 20 سيڪڙو جي شرح سان لاڳو آهي، ايندڙ بجيٽ ۾ ان کي 40 سيڪڙو تائين وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.اهو پڻ تجويز ڪيو ويو آهي ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾، يعني 2028-29 تائين، هن ٽيڪس جي شرح کي 50 سيڪڙو تائين وڌايو وڃي، ته جيئن غير صحت مند شين جي استعمال کي روڪي سگهجي. عوامي صحت لاءِ پائيدار الٽرا پروسيسڊ فوڊ اينڊ بيوريج ٽيڪسيشن پاليسي” جي عنوان سان هڪ رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي ۽ صحت جي وزارت سان شيئر ڪئي وئي آهي ۽ 2025-26 جي بجيٽ جي تياري لاءِ ناڻي واري وزارت ۽ ايف بي آر سان بحث هيٺ آهي.










