بينظير ڀٽو جمهوريت، عوامي ڀلائي لاءِ بي مثال جدوجهد ڪئي

بينظير ڀٽو جمهوريت، عوامي ڀلائي لاءِ بي مثال جدوجهد ڪئي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اڄ اسان پاڪستان جي عظيم ڌيءَ، اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو شهيد جي ورسي ملهائي رهيا آهيون، جنهن جمهوريت، عوام جي حقن ۽ پاڪستان جي وفاق جي استحڪام لاءِ بي مثال جدوجهد ڪئي.وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بينظير ڀٽو جمهوريت ۾ رواداري ۽ هم آهنگي جهڙين مثبت قدرن کي هٿي ڏني، بينظير ڀٽو سياسي عمل ۾ رواداري کي فروغ ڏنو، جيڪو ساراهه جوڳو آهي، بينظير ڀٽو جي ملڪ ۽ قوم لاءِ خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو.هن چيو ته وطن پرستي جو جذبو بينظير ڀٽو جي سياسي ورثي ۾ نمايان آهي، بينظير ڀٽو عورتن جي ڪردار کي مضبوط ڪرڻ، اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ پاڪستان کي هڪ پرامن، ترقي پسند ۽ جمهوري رياست بڻائڻ لاءِ قيمتي قدم کنيا، سندس قربانيون ۽ خدمتون قوم لاءِ روشني جو ڏيک آهن.وزيراعظم چيو ته اڄ اسان پاڪستان ۾ رواداري، برداشت، قانون جي حڪمراني ۽ عوامي ڀلائي جي سفر کي جاري رکڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو ٿا، جنهن لاءِ بينظير ڀٽو پنهنجي جان قربان ڪئي.هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيد بينظير ڀٽو کي رحمت جي بلندي عطا ڪري ۽ سندس خاندان ۽ پيارن کي صبر عطا ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو