ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ يلو ۽ ريڊ لائين بي آر ٽي تي الڳ الڳ اجلاس ٿيا.شرجيل ميمڻ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي روزاني رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن ڪم جي اڳڀرائي جو جائزو وٺي ريڊ لائين لاٽ ون ۽ 2، بايو گيس، ڊيپو تي هلندڙ ڪم کي تيز ڪيو وڃي.هن چيو ته بي آر ٽي منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ اولين ترجيح آهي، بي آر ٽي تي ڪم تيز ڪيو وڃي.شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته ڏينهن ۽ رات جي شفٽ ۾ ڪم ڪري بي آر ٽيز جي تڪميل کي يقيني بڻايو وڃي، اسٽيڪ هولڊر روزانو رپورٽ پيش ڪن ته جيئن بي آر ٽي تي ڪم جلد مڪمل ڪيو وڃي.صوبائي وزير چيو ته ريڊ لائين ڊيپو جي تياري جي ڪم کي تيز ڪيو وڃي، پيلي لائين جي ڪم ۾ دير جي نشاندهي ڪري ان کي درست ڪيو وڃي ۽ ڪم وقت کان اڳ مڪمل ڪيو وڃي.ڪم جي معيار ۾ ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو، حڪومت چاهي ٿي ته عوام کي جلد کان جلد بي آر ٽي مان فائدو حاصل ٿئي.اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد زمان، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ڪمال دايو، ٽرانس ڪراچي جي آفيسرن، ڪانٽريڪٽرن ۽ انٽرنيشنل ڪنسلٽنٽس شرڪت ڪئي.










