گهوٽڪي (سليم فضل ڪلهوڙو) وزير اعليٰ سنڌ جو خاص مدد گار بنگل خان مھر گهوٽڪي لڳ ڳوٺ نئو آباد پهچي گهوٽڪي پريس ڪلب جي نائب صدر ۽ سينئر صحافي آزاد مھر سان سندس امڙ جي وفات تي عذرخواهي ڪري ڏک جو اظهار ڪيو , ان موقعي تي بنگل خان مهر ڳالهائيندي چيو ته علائقي واسين جي هر ڏک ۽ سک ۾ پهچڻ اسان جو فرض آهي , هن چيو ته علائقي واسين جي ترقي لاء ڪوششون وٺو پيا , پ پ عوامي پارٽي آهي , عوام جي خدمت ڪرڻ اسان جو فرض آهي , انشاء الله عوام جي خدمت جاري رهندي , هن چيو ته سردار محمد بخش خان مهر جا عوام لاء هر وقت دروازا کليل آهن , ان موقعي تي بنگل خان مهر سان سيد پرويز حسين , طلحہ ياسين , بابر ڪريم مهر ۽ ٻيا پڻ گڏ هوا .










