بنون ۾ پل کي اڏائڻ جي ڪوشش ناڪام، دهشتگرد مارجي ويو

بنون ۾ پل کي اڏائڻ جي ڪوشش ناڪام، دهشتگرد مارجي ويو

بنون: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي بنون ۾ اڱاري جي ڏينهن دهشتگردن طرفان پل کي ڌماڪي سان اڏائڻ جي ڪوشش انهي وقت ناڪام ٿي وئي، جڏهن هڪ آءِ اي ڊي لڳائڻ وقت ئي ڦاٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ دهشتگرد به مارجي ويو.بنون ڊسٽرڪٽ پوليس آفيس جي ترجمان عامر خان نجي چينل کي ٻڌايو ته 2 دهشتگرد ڊوگهڙا پل کي ڌماڪي سان اڏائڻ جو ارادو رکيو ٿي، انهي مقصد جي لاءِ انهن پل تي آئي اي ڊي لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي. پوليس ترجمان ٻڌايو ته آءِ اي ڊي وقت کان پهريان ئي ڦاٽي پيو جنهن سبب دهشتگرد ٿڏي تي ئي مارجي ويو جڏهن ته ٻيو دهشتگرد زخمي حالت ۾ واقعي واري هنڌ تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.ترجمان موجب پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي آهي، شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن، ان سان گڏ ئي مارجي ويل دهشتگرد جي سڃاڻپ جو عمل به شروع ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻئي دهشتگرد جي ڳولا جي لاءِ سرچ آپريشن به جاري آهي.ياد رهي ته اهو واقعو تقريبن هڪ مهيني کان پوءِ سامهون آيو آهي جڏهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن بنون ۾ دهشتگردن طرفان پوليس اسٽيشن تي حملي جي ناڪام ڪوشش ڪئي هئي. پر پوليس اهلڪارن انهن جي چرپر ۽ حرڪتون محسوس ڪندي ئي انهن تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب دهشتگرد پوليس اسٽيشن جي ويجهو نه اچي سگهيا. ۽ فرار ٿي ويا،

پهنجو تبصرو موڪليو