پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته امن قائم تڏهن ٿيندو جڏهن دهشتگردي ختم ٿيندي، امن بند ڪمرن ۾ ٿيل فيصلن سان نه ايندو.خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ امن جرگي کي خطاب ڪندي سهيل آفريدي چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ خراب لاڳاپن سان سڀني کان پهريان اسان متاثر ٿي رهيا آهيون، پاڪ افغان ڳالهين ۾ اسان کي شامل ڪرڻ ضروري آهي.هن وڌيڪ چيو ته اسان سان سوتيلي ماءُ جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، ضم ٿيل ضلعن لاءِ وفاق کان فنڊز نه ملي رهيا آهن اسان کي انفراسٽرڪچر جي ترقي لاءِ رقم گهرجي.سهيل آفريدي چيو ته وفاق جي ذميواري اسان جي بقاياجات آهن، اپوزيشن پارٽين کي اسان سان گڏ بيهڻ گهرجي، اسان کي اهڙي پاليسي تي عمل ڪرڻو پوندو جنهن سان دهشتگردي مستقل طور تي ختم ٿئي.انهي موقعي تي صوبائي اسيمبلي جي اسپيڪر بابر سليم سواتي جرگي کي خطاب ۾ چيو ته اسان جي فوج دنيا جي سڀني کان بهادر فورس آهي ۽ پوليس به فرنٽ لائن تي موجود آهي پر انهي جي باوجود صوبو امن کان محروم آهي.پنهنجي خطاب ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته امن جي لاءِ سڀني کي گڏ ويهڻو پوندو ڇو ته امن سياست کان مٿانهون آهي. امن جرڳي ۾ عوامي نيشنل پارٽي(اي اين پي) جمعيت علماءِ اسلام(ف) ۽ جماعت اسلامي جا اڳواڻ به شريڪ آهن.










