بلوچستان ۾ فورسز جي ڪارروائي، 18 دهشتگرد مارجي ويا

بلوچستان ۾ فورسز جي ڪارروائي، 18 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ ٻن الڳ الڳ ڪارروائين ۾ 18 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب، 28 ۽ 29 آڪٽوبر تي بلوچستان ۾ ٻه الڳ الڳ ڪارروائيون ڪيون ويون. ان دوران دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪوئيٽا جي چلتن علائقي ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيو ويو ۽ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي مؤثر طريقي سان نشانو بڻايو، آءِ ايس پي آر موجب سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 14 هندستاني حمايت آفته دهشتگرد مارجي ويا، ان کان علاوه ڪيچ جي بليدا علائقي ۾ هڪ ٻيو انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيو ويو، جتي دهشتگردن جو هڪ ٺڪاڻي کي تباهه ڪيو ويو جنهن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر موجب، مارجي ويل دهشتگردن کان هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ ڪيو ويو آهي. اهي مارجي ويل دهشتگرد مختلف دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هئا، هندستاني حمايته آفته دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ علائقي ۾ ڪليرينس آپريشن جاري آهي،آءِ ايس پي آر چيو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ مان پرڏيهي سرپرستي ۽ حمايت يافته دهشتگردي جي لعنت کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ لاءِ ‘ عزم استحڪام ‘ جي تحت دهشتگردي جي خلاف مهم جاري رکي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو