لاهور (ويب ڊيسڪ)چيئرمين سي جي ايف احسان الحق جو چوڻ آهي ته برساتن ڪپهه جي فصل کي سخت نقصان پهچايو آهي.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسان الحق چيو ته ٽيڪسٽائيل ملن ڪپهه جي درآمد شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن ڪري فصل ۽ معيار متاثر ٿي رهيا آهن.هن چيو ته پنجاب ۾ ڪپهه جو اگهه هڪ هزار رپين جي واڌ سان 19500 رپيا في مڻ تي پهچي ويو آهي.احسان الحق جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ ڪپهه جو اگهه 19200 رپيا في مڻ تائين پهچي ويو آهي.










