ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ بجلي جي بلن ۾ ٽيڪس وصولي خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل چيو ته انڪم ٽيڪس ادا ڪندڙ صارفين تي ايڊوانس ٽيڪس لاڳو ناهي، جيڪڏهن درخواستگذار انڪم ٽيڪس ادا ڪن ته اسان سان رابطو ڪن.وکيل ڪي اليڪٽرڪ جو چوڻ هو ته بجلي واپار جي لائق آهي جنهن تي ٽيڪس لڳايو ويندو آهي جڏهن ته فيول ايڊجسٽمينٽ تيل جي قيمتن جي حساب سان ڪئي ويندي آهي.جنهن تي عدالت چيو ته فيول ايڊجسٽمينٽ ڪيترن ئي مهينن کانپوءِ ٿيندي آهي، جيڪڏهن ڪو ڪرائيدار آهي ته اها فيول ايڊجسٽمينٽ سندس حق جو نقصان آهي. عدالت درخواستگذار کان پڇاڻو ڪيو ته فنانس ايڪٽ تحت ٽيڪس لاڳو ٿئي ٿو، ڇا توهان فنانس ايڪٽ کي چئلينج ڪيو؟ بعد ۾ عدالت بجلي جي بلن ۾ ٽيڪس جي وصولي خلاف درخواست رد ڪندي چيو ته درخواست رد ڪرڻ جا سبب بعد ۾ جاري ڪيا ويندا.










