اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيپرا ڪراچي سميت ملڪ جي صارفين لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ 1.78 رپيا في يونٽ واڌ جي درخواست تي پنهنجو فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) پاران ملڪ جي صارفين لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ مهيني جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي تحت واڌ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي کان پوءِ نيپرا بجلي جي قيمتن ۾ 1.78 رپيا في يونٽ واڌ جي درخواست تي پنهنجو فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جنهن جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.نيپرا عملدارن جو چوڻ آهي ته حڪومتي پاليسي جي هدايتن موجب جيڪو به فيصلو ڪيو ويندو اهو ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين تي به لاڳو ٿيندو.ٻئي طرف، نيپرا پنجاب جي ميمبر آمنه احمد چيو ته اسان بهتري جي اميد ڪري رهيا هئاسين، پر شيون مخالف طرف وڃي رهيون آهن، بجلي جون قيمتون وڌي رهيون آهن.ان تي سي پي پي اي عملدارن چيو ته هائيڊرو اليڪٽرڪ مان گهٽ پيداوار ۽ وڌيڪ استعمال جي ڪري قيمت وڌي وئي، فرنس آئل پلانٽس کي وڌندڙ طلب جي ڪري طلب کي پورو ڪرڻ لاءِ هلايو ويو.










