اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سينئر قانوندان بابر اعواڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي خلاف ظلم جاري رهيا ته انهي جا پٽ واپس ضرور ايندا، باني جي پٽن پاڪستان اچڻ جي لاءِ ويزائن جي لاءِ اپلاءِ ڪري ڇڏيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي بابر اعواڻ چيو ته پٽن کان خوف اهو آهي ته جيڪڏهن ڳالهرايو ويو ته اهي واپس اچي ويندا ۽ مان اوهان جي خوف کي اهميت ڏيان ٿو، جيڪڏهن اهي ظلم جاري رهيا ته اهي واپس ضرور ايندا.هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جا ٻئي پٽ سياست ۾ نه آهن ۽ قانون به اهو چوي ٿو ته پٽن سان هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو ڳالهه ٻولهه ڪرائي وڃي پر مهينن کان ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ڪرائي وئي آهي.بابر اعواڻ چيو ته ٻن وزيرن بيان ڏنو آهي ته 8 فيبروري تائين پي ٽي آءِ باني کي ڪنهن سان به ملڻ نه ڏنو ويندو، حالانڪه انهن وٽ اهڙي قسم جو ڪوبه اختيار نه آهي. قانون موجب اهو ڏوهه آهي. هڪ ته انهن کي اهو اختيار نه آهي ٻيو ته اها سنئين سڌي دستور جي ڀڃڪڙي آهي.هن چيو ته جيل کي هلائڻ ۽ ريگوليٽ ڪرڻ جو اختيار صرف ٻن ماڻهن وٽ هوندو آهي، هڪ اها عدالت جيڪا قيدي کي اماڻيندي آهي ۽ جنهن جي ڪسٽڊي هوندي آهي ۽ ٻيو جيل جو انچارج انهي کان علاوه ڪوبه ٻيو ذميوار نه آهي. هن سوال اٿاريو ته وزيرن ڪهڙي حيثيت ۾ ملاقات نه ڪرائڻ جو چيو آهي.سينئر قانوندان چيو ته پهريان ته اهو ٻڌو هو ته ڪنهن کي کڻي بند ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ ملاقافت جي لاءِ شرطون ٻڌايون وينديون آهن، اهڙي طرح آزادي جي لاءِ به شرطون ڏنيون وينديون آهن. فارم 47 جي حڪومت جو اهو رويو انتهائي مذمت جوڳو آهي.بابر اعواڻ چيو ته اهو چيو پيو وڃي ته ڪنهن کي به سياسي ڳالهيون نه ڪرڻ ڏنيون وينديون، حالانڪه رڪارڊ کڻي ڏسو ته نوازشريف ۽ شهباز شريف جي سيل اندر تصويرون موجود هيون ۽ نيب تحويل ۽ جيل جي اندر 50-50 ماڻهن جون ملاقاتون ٿينديون رهيون آهن. ڊپ صرف پي ٽي آءِ باني کان لڳي ٿو.هن چيو ته هن وقت(رليز فار عمران خان) جي نالي سان هڪ گلوبل موومينٽ بڻجي چڪي آهي ڪنهن به جڳهه تي اهو ناهي لکيل ته ڪير به ڳالهائي نٿو سگهي.بابر اعواڻ چيو ته پاڪستان ۾ جمهوري سياست ڪندڙ هڪ، ٻه پارٽيون آهن باقي يا ته طاقتور حلقن جي سياست ڪنديون آهن يا مذهبي، علاقائي ۽ لساني سياست، هن چيو ته مذهبي علاقائي يا لساني ڳالهه ٻولهه ڪرڻ تي ڪابه پابندي نه آهي ته قومي سياست ۾ پنهنجي علائقي جي ڳالهه ڪرڻ تي به ڪوبه جواب موجود نه آهي.










