ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شهر قائد ۾ باغ ڪورنگي پل تي ڌاڙيلن هڪ درجن کان وڌيڪ شهرين کي ڦريو.شهري دعويٰ ڪئي ته جوابدارن پوليس جي موجودگي ۾ ڦر ڪئي، جوابدارن واقعي دوران شهرين تي تشدد به ڪيو، باغ ڪورنگي پل تي ڦرون روز جو معمول بڻجي ويون آهن.شهري وڌيڪ چيو ته جوابدار ٽولن ۾ پل تي ايندا آهن ۽ ٽريفڪ روڪيندا آهن ۽ ڦرلٽ ڪندا آهن. جوابدارن شادي جي تقريب مان گهر ويندڙ عورتن کي به نشانو بڻايو. ڦرلٽ کان پوءِ متاثر شهري احتجاج ڪيو.










