راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ موجب، سيڪيورٽي فورسز هڪ خفيه آپريشن دوران 5 هندستاني حمايت يافته دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز باجوڙ ضلعي جي خار علائقي ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيو. اهو آپريشن فتنه الخارج دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيو ويو.فائرنگ جي هڪ سخت تبادلي ۾ پنج هندستاني حمايت يافته دهشتگرد مارجي ويا. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ بهادري سان وڙهندي ميجر عديل زمان شهيد ٿي ويو.آءِ ايس پي آر موجب، خارجين کان هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪيو ويو. مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۽ معصوم شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا.پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ موجب، شهيد ميجر عديل زمان جو تعلق ڊيرا اسماعيل خان سان آهي، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي باجوڙ علائقي ۾ هندستان جي سرپرستي ۾ دهشتگردن خلاف بهادري سان وڙهندي شهيد ٿيندڙ ميجر عديل زمان کي زبردست لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو، محسن نقوي چيو ته شهيد ميجر عديل زمان بهادري سان 5 هندستان جي سرپرستي ۾ دهشتگردن کي ماريو. ميجر عديل زمان پنهنجي جان قربان ڪري هندستان جي سرپرستي ۾ موجود دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي تباهه ڪيو، وفاقي گهرو وزير چيو ته شهيد ميجر عديل پنهنجي رت سان جرئت ۽ بهادري جي تاريخ لکي. قوم کي شهيد ميجر عديل جهڙن بهادر پٽن تي فخر آهي،محسن نقوي چيو ته قوم ڪڏهن به شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جو قرض ادا نه ٿي ڪري سگهي. گهرو وزير شهيد ميجر عديل جي خاندان سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو.










